2020:وظيفا
وڪي مينيا 2020، وڪيذريعات پيڙھڪا يا وڪيميڊيا تحريڪ جي سالياڻي سورنھين انٽرنيشنل ڪانفرنس جيڪا 5 کان 9 آگسٽ 2020 تي بينڪاڪ، ٿائيلينڊ ۾ ھن سال ٿي رھي آھي. ھن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڪيميڊيا فائونڊيشن اسڪالرشپ پروگرام تحت چُونڊيل فردن کي محدود وظيفا (اسڪالرشپس) ڏنا ويندا آھن، جن ۾ اچ وڃ(سفري)، ۽ رھائش جا خرچا ۽ ڪانفرنس جي رجشٽريشن فيس شامل ھوندي آھي.اھي وظيفا وڪيميڊيا فائونڊيشن (و م ف WMF) ڏيندي آھي.
ھيٺ ڏنل صفحي ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن جي وظيفن (اسڪالرشپس) لاءِ طريقيڪار درج ٿيل آھي.ڪُجھ ٻيا چيپٽرز ۽ تنظيمون پڻ اسڪالرشپس ڏينديون آھن.
اھم تاريخن جو سِٽاءُ
وڪيميڊيا فائونڊيشن اسڪالرشپ پروگرام جي اڳڪٿي ڪيل وقت پٽو (ٽائيم لائين) ھيٺئين ريت آھي:
- اسڪالرشپ لاءِ درخواستون کُلڻ جي تاريخ:فيبروري 17، 2020
- اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جي آخري تاريخ:مارچ 17، 2020 23:59:59 يوٽي سيUTC-12:00 (AoE, see the برابر ٽائم توھانجي شھر ۾)
.
- پھريون مرحلو تحت وڪيميڊيا فائونڊيشن پاران اُميدوارن جي اھليت جي جانچ پڙتال(ان جي نتيجي جو ڪوبہ اطلاع نہ ڏنو ويندو)
- ٻيو مرحلو اونھائيءَ سان ارتقا (اسسيسمينٽ) اسڪالرشپ ڪاميٽي پاران ڪئي ويندي: اپريل ۾
- اُميدوارن کي پڇاڙيءَ واري فيصلن بابت اطلاع:مئي جي شروعات ۾ ملندو
- پڇاڙي فھرست ۾ نالو ماڻيندڙن جو اعلان مئي/جُون ۾ ڪيو ويندو.
وظيفي جا تفصيل
ھن سال وڪيمينيا ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڪيميڊيا فائونڊيشن ٻہ قسم جا وظيفا (اسڪالرشپس) آڇي رھي آھي.
- فُل اسڪالرشپس، جنھن ۾ ھيٺيان خرچا شامل ھوندا:
- اچ وڃ گشت سفري دورو (رائونڊ ٽِرپ ٽريول)
- گڏيل رهائش
- ڪانفرنس جي رجسٽريشن في
- اڌ وظيفا (پارشل اسڪالرشپس)، جنھن ۾ رُڳو ھيٺيون شيون شامل ھونديون:
- گڏيل رهائش
- ڪانفرنس جي رجسٽريشن في
وڪيميڊيا فائونڊيشن پاران پيش ڪيل اسڪالرشپ (ڪُجھ بابَ يا چيپٽرز سان گڏجي)، وظيفن جو ڪُل تعداد هِن سال ۾ وظيفن لاءِ موجود ڪُل بجيٽ تي لٽڪيل آهي. تنهن هوندي، حتمي بجيٽ جو لڳايل ڪاٿو ٪ مڪمل اسڪالرشپ لاءِ ڏنو ويندو، ۽ لاڳت ٿيل ٪ اڌ اسڪالرشپس تحت ڏنو ويندو. اسڪالرشپ جي حتمي تعداد جو ڪاٿو مرحلو 3 ۾ حتمي اسڪالرز جي چُونڊَ ڪرڻ مهل لڳايو ويندو. گُذريل ورهين کان، اهو ڪاٿو 70-90 مڪمل اسڪالرشپ ۽ 20-30 اڌ اسڪالرشپ جي وچ ۾ آخري بچيل لاڳت تحت ڏنو ويندو.
مڪمل اسڪالرشپس ڪوٽا جي تابع آهن، جڏهن تہ عام طور تي اڌ وظيفا (پارشل اسڪالرشپس) لاءِ ڪابه جاگرافيائي يا لساني حد ناهي هوندي. ٻنهين ڊبليو ايم ايف ۽ وڪيميڊيا تنظيمن جي وسيلي آڇيل اسڪالرشپ جي ڪٿيل تعداد لاءِ وَڌيڪ تفصيل هيٺ ڏسو.
اسڪالرشپ جي درخواست ۾، هر درخواست ڪندڙ کي اهو ٻُڌائڻو پوندو تہ هو ڪهڙِي قِسم جي وظيفي (اسڪالرشپ) لاءِ درخواست ڏئي رهيو يا رهي آهي. جڏهن تہ درخواست ڏيندڙ هي اختيار چُونڊي سگهي ٿو (ٿي) تہ "آئون مڪمل اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏئي رهيو (رهي) آهيان، پر جيڪڏهن اَڌ (پارشل)اسڪالرشپ سان نوازيو ويو تہ آئون ان ۾ شرڪت ڪندس." "درخواست ڏيندڙ" درخواست ۾ هيئن ڄاڻائيندا ته آئون مڪمل اسڪالرشپ جي لاءِ درخواست ڏئي رهيا (رهيون) آهن، پر جيڪڏهن اڌ وظيفن (پارشل اسڪالرشپس) ڏني وئي تہ آئون ان ۾ شرڪت ڪري سگهان ٿو يا ٿي"، انهن کي پهرئين مڪمل اسڪالرشپ جي لاءِ ڌيان ۾ رکيو ويندو، ۽ جيڪڏهن مڪمل اسڪالرشپ پوريون ٿي وينديون ته پوءِ کين اڌ وظيفو يعني پارشل اسڪالرشپس سان نوازيو ويندو.
ڪهڙا خرچ وظيفو برداشت ڪري ٿو، ۽ ڪهڙا خرچ شرڪت ڪندڙ کان برداشت ڪرڻ جي اميد ڪجي ٿي، وڌيڪ معلومات لاءِ ڏسو ايف اي ڪيو
وڪيميڊيا تنظيمن پاران آڇيل وظيفا (اسڪالرشپس)
ڊبليو ايم ايف ئي اڪيلي تنظيم ناهي، جيڪا هن ڀيري جي وڪيمينيا لاءِ وظيفا (اسڪالرشپس) آڇي رهي آهي. وڪيميڊيا جون ٻيون تنظيمون جهڙوڪ بابَ يا چيپٽر ۽ موضوعاتي ٿيميٽڪ تنظيمون پڻ پنهنجي پاران وظيفا آڇي سگهن ٿيون. جڏهن اسانکي انهن جي پروگرام بابت پَڪي پَروُڙَ ملندي تہ اسان اها هيٺ فهرست ۾ سامهون آڻينداسين.
- Wikimedia Italia will offer approximately 5 scholarships.
- …
چُونڊ جو عمل
درخواست ڏيڻ جي اهليت لاءِ، چُونڊَ جو عمل ۽ چُونڊڻ جي معيار تي مهرباني ڪري سال جي اندروني تفصيل وڪي مينيا اسڪالرشپ سليڪشن پروسيس ۽ نظرثاني ڪندڙ گائيڊ تي نظر وجهو. 2020 ۾، درخواست ڏيندڙ جي آئوٽ ريچ سرگرمين تي اسڪالرشپ ڪاميٽي اُونهائيءَ سان نگاهه وجهندي.
سوالَ؟
وڪيميڊيا فائونڊيشن اسڪالرشپ پروگرام جي باري ۾ وَڌيڪ ڄاڻڪاري لاءِ، مهرباني ڪري سدائين پُڇيل سوالَ (عام طور پُڇيل سوالنامو FAQ) جو صفحو ڏسو.
جيڪڏهن توهان کي ڪي مُونجهارن وارا سوالَ هجن تہ، مهرباني ڪري رابطو ڪريو: wikimania-scholarships@wikimedia.org يا 2020 talk:Scholarships تي نياپو موڪليو.
درخواست ڏيو
For information about privacy and data-handling, you may refer to the application data statement.
وڪي مينيا 2020 ڊبليوايم ايف اسڪالرشپس لاءِ درخواستون هاڻي بند ڪيون ويون آهن. ڪامياب درخواست ڌيندڙن جي فهرست وڪيمينيا meta:Grants:TPS/Wikimania scholars اسڪالرز تي ملي سگهي ٿي.