Jump to content

2025:اسڪالرشپس

From Wikimania
This page is a translated version of the page 2025:Scholarships and the translation is 99% complete.
Outdated translations are marked like this.


Wikimania@20: Inclusivity . Impact . Sustainability .
Results announced

وڪيمينيا 2025 اسڪالرشپون هاڻي کليل آهن!

سڀني درخواستگذارن کي انهن جي جمع ڪرايل درخواست جي نتيجي بابت اطلاع ڏنو ويو آهي. مهرباني ڪري پنهنجو اي ميل ۽ اسپام فولڊر چيڪ ڪريو. توهان اسڪالرشپ جا نتيجا نامزد صفحو تي ڏسي سگهو ٿا.

وڪيمينيا سفري اسڪالرشپ ڇا آهي؟

اسڪالرشپ هڪ امداد آهي، جيڪا ڪنهن فرد کي وڪيمينيا 2025 ۾ ذاتي طور تي شرڪت ڪرڻ لاءِ ڏني ويندي آهي. اسڪالرشپ حاصل ڪندڙن کي وڪيمينيا 2025 جي مرڪزي آرگنائيزنگ ٽيم جي اسڪالرشپ ڪميٽي چونڊيندي، ۽ فنڊ وڪيميڊيا فائونڊيشن طرفان فراهم ڪيا ويندا.

اسڪالرشپس ۾ هوائي سفر، رهائش، رجسٽريشن، روزاني الائونس (واقعي کان اڳ ۽ ڪانفرنس جي ڏينهن دوران خرچن ۽ کاڌي لاءِ)، ۽ محدود طبي انشورنس شامل آهي.

وڪيمينيا 2025 لاءِ وڪيمينيا سفري اسڪالرشپ جي درخواست ڏيڻ وارو فارم 8 ڊسمبر 2024 تائين کليل هو.

ڪير درخواست ڏئي سگھي ٿو

ڪير درخواست ڏئي سگھي ٿو؟

گذريل اڳ وانگر، جيڪو به وڪيميڊيا ۾ پنهنجي ڀاڱيداري يا ڪمن کي ثابت ڪري سگهي، ان کي ڀليڪار آهي. مثال طور:

  • وڪيميڊيا جي ڪنهن به گروپ يا تنظيم (ڪميٽي، ھب، چيپٽر، موضوعاتي سڀا يا يوزر گروپ) ۾ رُڳو ميمبر هجڻ ۽ ميمبر جي ذميوارين کي پورو ڪرڻ سميت فعال شرڪت ھجڻ.
  • وڪيميڊيا جي منظم ڪيل واقعن ۾ شرڪت (مثال طور، وڪي پريت يادگار ۾ حصو وٺندڙ فوٽوگرافر، يا ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪندڙ).
  • وڪيميڊيا سٽاءَ (پروگرام) ۾ حصو وٺندڙ (مثال طور گليم ڀائيواري يا تعليمي پروگرام)
  • وڪيميڊيا ايونٽس جا آرگنائيزر (مثال. وڪي محبوب ناريون، ترميمي-ڊوڙون)
  • اسٽيورڊ، چيڪ يوزر، وي آر ٽي ميمبر، انٽرفيس ايڊمن، ايڊمن، يا ٻين اعليٰ اختيارن وارو (ھاڻوڪو يا اڳوڻو) هجڻ.
  • وڪيميڊيا پيڙھڪا گرانٽي
  • وڪيميڊيا رٿائن لاءِ ميڊيا وڪي ڪوڊ ڀاڱيدار، گيجٽ يا ٻيو اوزار-ٺاهيندڙ

اهي رڳو مثال آهن. تفصيلي مشورا واري ڀاڱي تي وڃو، جدول ۾ ڏنل سفارشون پڙهو، ۽ سوچي ڏسو ته توهان انهن سوالن جي ورندي پنهنجي طريقي سان ڪيئن ڏيندا.

جيڪڏهن توهان کي ڪو سوال آهي، ته اڪثر پڇیل سوال ۾ "ڪير درخواست ڏئي سگهي ٿو" واري ڀاڱي يا سيڪشن تي وڃو. جيڪڏهن اڃا به وڌيڪ سوال هجن، ته رابطو / واھر / مون وٽ اهڙا سوال آهن، جن جا هن پني تي جواب ناهن واري سيڪشن تي وڃو.

وڪيمينيا اسڪالرشپ لاءِ واٽ ڇا آهي؟

عام طور تي، اسان اميد ڪريون ٿا ته فنڊنگ جي فيصلي جو عمل هيٺين مرحلن مان گذرندو:

  1. ڄڻو يا فرد لائيم سروي وسيلي درخواست فارم جمع ڪرائيندا.
  2. ڄڻا LimeSurvey کان اي ميل جي پڪ وٺندا.
  3. اسڪالرشپ ڪم ڪندڙ گروپ اهل هجڻ لاءِ درخواستن جي پرک وٺندو.
  4. اسڪالرشپ ڪم ڪندڙ گروپ درخواستن کي پرکي فيصلا ڪندو.
  5. ڄڻن کي فيصلي بابت ٻڌايو ويندو ۽ انھن کي وڪيميڊيا فائونڊيشن کي ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جي بڪنگ لاءِ گهربل معلومات ڏيڻ لاءِ چيو ويندو.
  6. وڪيميڊيا فائونڊيشن ٽرانسپورٽ ۽ رهائش جي بڪنگ ۽ پڪ ڪندي.


درخواست فارم ڀرڻ بابت صلاحون

کليل سڏ "وڪيمينيا نيروبي تائين سفر"

مرڪزي آرگنائيزنگ ٽيم وڪيمينيا لاءِ اسڪالرشپ جي درخواست ڏيڻ ۾ دلچسپي رکندڙ هر ڪنهن لاءِ کليل ڪالون منعقد ڪيون. اهي ڪالون دنيا جي مختلف علائقن جي رضاڪارن جي سهولت لاءِ مختلف وقتي زونز ۾ ڪيون ويون. مهرباني ڪري هيٺ ڏنل رڪارڊ ٿيل نسخا ڏسو.

تفصيلي صلاحون

  • درخواست فارم ڀرڻ ۾ لڳ ڀڳ 45 کان 60 منٽ لڳي سگهن ٿا. درخواست جمع ڪرائڻ کانپوءِ ان ۾ ترميم نٿي ڪري سگهجي. توهان صرف جمع ڪرائڻ کان اڳ ان ۾ ترميم ڪري سگهو ٿا، بشرطيڪه پنهنجي ڪوڪيز صاف نه ڪريو. درخواست کي ڌيان سان تيار ڪريو ۽ پڪ ڪريو ته جيڪو ڪجهه لکڻ ضروري آهي، اهو لکيو ويو آهي. مهرباني ڪري درخواست ٻيهر جمع نه ڪرايو.
  • توهان پنهنجي درخواست وڪيمينيا 2025 جي ڪنهن به ٻوليءَ ۾ جمع ڪرائي سگهو ٿا—عربي، فرينچ، انگريزي، اسپينش يا سواحيلي. جيڪڏهن ممڪن هجي، ته انگريزي ۾ جمع ڪرائڻ تي غور ڪريو، ڇو ته اها ئي ٻولي آهي جيڪا سڀني اسڪالرشپ ڪم ڪندڙ گروپ جي ميمبرن کي اچي ٿي. اهو به ذهن ۾ رکو ته سفر ۽ تقريب ۾ رضاڪاري لاءِ توهان کي عملي سطح جي انگريزي ڄاڻ جي ضرورت هوندي.
  • اسان خلوص سان درخواست ڪريون ٿا ته گروپ ڪوششن ۾ انفرادي ڀاڱيدارين کي ايمانداريءَ سان واضح ڪيو وڃي. اسان اهڙيون ڪاميابيون قبول نٿا ڪريون، جيڪي ثابت نٿيون ڪري سگهجن يا جيڪي غلط طور تي مڪمل طور تي ذاتي دعويٰ طور پيش ڪيون وڃن، جڏهن ته اهي دراصل گروپ ڪوششون هجن. مهرباني ڪري Diff، وڪي صفحو، يا سوشل ميڊيا پوسٽ جو ڳنڍڻو (لنڪ) شامل ڪريو، جيئن اسان پڪ ڪري سگهون ته توهان سچي مچي اهو ڪم ڪيو، جيڪو توهان پنهنجي طور تي دعويٰ ڪري رهيا آهيو.
سوالن ۽ انھن جی جواب ڏیڻ لاء سفارش ڪیل طریقو
سَوالَ اِشارو
سفر ۽ رابطي جي تفصيل هن ڀاڱي ۾ مهرباني ڪري پنهنجن جوابن ۾ چٽو ۽ سھي هجڻ جي ڪوشش ڪريو. توهان جي پاسپورٽ وغيره بابت وڌيڪ معلومات رُڳو تڏهن توھان کان گھري ويندي، جيڪڏهن توهان اسڪالرشپ لاءِ ڪامياب قرار ڏنا ويا.
شمارياتي ڄاڻ ۽ آبادياتي انگ اکر اسان هي معلومات شمارياتي مقصدن لاءِ گھر ڪريون ٿا، جيئن پڪ بڻائي سگهجي ته اسڪالرشپ ايوارڊ ۾ درخواست ڏيندڙن جي رنگارنگي جي نمائندگي ٿئي. انهن سوالن جا جواب ڏيڻ مڪمل طور تي اختياري آهي. هي ڊيٽا رڳو گڏيل انگن اکرن جي شڪل ۾ رپورٽ ڪئي ويندي.
پرک وارا سوال هيٺيان سوال بنيادي سوال آهن، جن جي بنياد تي توهان جي درخواست جو جائزو ورتو ويندو.

اسان سٺي ڄاڻ سان گڏوگڏ مددگار ڳنڍڻا پڙهڻ جا شوقين آهيون.

جيڪڏهن ڪو ماڻهو توهان کان پڇي، "توهان يا توهان جي ديسي ڪميونٽيءَ وڪي ميڊيا ھلچل ۾ ڪهڙو اثر ڇڏيو آهي؟" ته توهان ڇا جواب ڏيندا؟ جيڪڏهن توهان وڪيميڊيا ھلچل ۾ نوان آهيو، ته توهان کي اسان جي ڪميونٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪھڙي شيءِ متاثر ڪيو؟ اسان اهو سمجهڻ چاهيون ٿا ته توهان وڪيميڊيا ۾ پنهنجي شموليت کي ڪيئن بيان ڪندا آهيو، نه رڳو ھلچل اندر موجود ماڻهن لاءِ، پر انهن لاءِ به، جن کي شايد وڪيميڊيا يا توهان جي ڪميونٽي بابت گهڻي ڄاڻ نه هجي. توهان جي ڀاڱيداريءَ جو ڪهڙو اثر رهيو آهي؟ توهان پنهنجي ڪميونٽيءَ سان گڏجي اسان جي کليل ڄاڻ واري مشن کي ڪيئن اڳتي وڌايو آهي؟

جيڪڏهن توهان نوان آهيو ۽ اڃا تائين اثر وجهڻ جي لحاظ کان گهٽ ڀاڱو ورتو آهي، ته اسان اهو سمجهڻ چاهيون ٿا ته توهان هتي ڪيئن پهتائو، ۽ وڪيميڊيا ھلچل ۾ ڇا سکڻ ۽ ڪهڙو ڀاڱو ڏيڻ چاهيو ٿا.

هڪ پيراگراف تي ٻڌل جواب ڏيڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجي ڪم جا حوالا ڏيڻ لاءِ ڳنڍڻو يا لنڪ شامل ڪريو.

وڪي مينيا 2025 جو موضوع آهي "وڪي مينيا@20: شموليت، اثر، ۽ پائيداري". توهان لاءِ ان جو ڇا مطلب آهي؟ اسان هڪ تخليقي ۽ سُجهائتيءَ جواب جي ڳولها ۾ آهيون، جيڪو هيٺين شين تي روشني وجهي:

هي موضوع وڪيميڊيا لاءِ توهان جي ڀاڱيداريءَ سان ڪيئن لاڳاپيل آهي؟

توهان جي ڪم ڪهڙي ريت کليل ڄاڻ جي وڏي وايومنڊل تي اثر وڌو آهي؟

توهان جي ويچار پٽاندڙ، اسان جي ھلچل جي پائيداريءَ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪهڙي وک کڻي سگهجن ٿا؟


هڪ پيراگراف تي ٻڌل جواب ڏيڻ جي صلاح ڏني وڃي ٿي. جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجي ڪم جا حوالا ڏيڻ لاءِ لنڪ شامل ڪريو.

اسان کي توهان جي تازين سرگرمين بابت ٻڌايو، جيڪي توهان پنهنجي مقامي وڪي يا وسيع وڪي ميڊيا تحريڪ ۾ انجام ڏنيون.

توهان پنهنجي وڪي يا ڪميونٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڇا تعمير يا تعاون ڪيو آهي؟

ڇا توهان انهن مان ڪنھن سرگرميءَ جي اڳواڻي يا ترتيب ڏني آهي؟

ڪهڙي سرگرمي توهان لاءِ ذاتي طور تي سڀ کان وڌيڪ اهم هئي، بغض نتيجي جي؟


مهرباني ڪري اهو به ذڪر ڪريو ته انهن مان ڪهڙيون سرگرميون گذريل 12 مهينن دوران ٿيون.

هن سوال لاءِ، اسان خاص طور تي گذريل 12 مهينن دوران ڪيل سرگرمين ۽ شموليت جو جائزو وٺي رهيا آهيون، تنهن ڪري مهرباني ڪري انهن کي واضع طور اجاگر ڪريو.

جيڪڏهن ضروري هجي، ته توهان انهن سرگرمين جو پڻ ذڪر ڪري سگهو ٿا، جيڪي ڊگهي عرصي تائين جاري رهيون آهن، ۽ جن ۾ توهان شرڪت ڪئي آهي.

ٻه کان ٽي پيراگراف جو جواب سفارش ڪيل آهي. جتي ممڪن هجي، مهرباني ڪري پنهنجي ڪم جا حوالا لنڪ سان مهيا ڪريو.

توهان عام طور تي پنهنجي تجربي (يا جيڪي ڪجهه توهان سکيو آهي) پنهنجي ڪميونٽي سان ڪيئن ورهائيندا آهيو؟

توهان وڪي مينيا 2025 ۾ سکيل ڄاڻ کي ڪيئن شيئر ڪندا؟

هتي وڪي تي خلاصا، رپورٽون، بلاگ پوسٽون، گڏجاڻين ۾ تقريرون وغيره جا مثال شامل ڪري سگهو ٿا.

مهرباني ڪري، مثالن جا لنڪ به مهيا ڪريو.

جواب ۾ اسان وڪي مينيا 2025 کانپوءِ وڪي مينيا جو تجربو ورهائڻ لاءِ هڪ ٺوس، تصديق لائق منصوبي کي اهميت ڏيندا آهيون.

هن جواب لاءِ بلٽ پوائنٽ فهرست، جنهن سان ٿورو وضاحت يا پسمنظر هجي، مناسب شڪل هوندي.

ڇا اوهان وڪيميڊيا رٿائن تي ڪو به ذميوار عهدو رکو ٿا؟ مثلاً، ڇا اوهان وٽ ايڊمن، اسٽيوارڊ، چيڪ يوزر جهڙا وڌايل واپرائيندڙ حق آهن، يا اوهان وڪيميڊيا منصوبن جي بچاءُ، هموار ڪارڪردگي، ۽ پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ پردي پٺيان ڪو به ڪم انجام ڏيو ٿا، جهڙوڪ گشت (پيٽرولنگ)، "ڇا اوهان ڄاڻو ٿا" وارن مضمونن تي ڳالھ ٻولھ وغيره؟ جيڪڏهن ها، ته مهرباني ڪري وضاحت ڪريو. هن سال، اسان وڌايل واپرائيندڙ حقن رکندڙ درخواست گذارن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا. مهرباني ڪري پنهنجي ڪم جا ڪجهه مثال ڏيو، ۽ جتي ممڪن هجي، ڳنڍڻو يا لنڪ پڻ وجھو.

جھٽ پَٽ انڪار جا معيار

جيڪڏهن هيٺ ڏنل مان ڪو به ناڪامي جو معيار لاڳو ٿئي، ته درخواستون پهرين وک ۾ ناڪام ٿينديون.

  1. درخواست ڏيندڙ کي 2024 ۾ اسڪالرشپ ملي هئي، پر هن وڪيمينيا ۾ مقرر ڪيل پنھنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون.
  2. درخواست ڏيندڙ ڪنهن به وڪيميڊيا فائونڊيشن گرانٽ پروگرام جو ھاڻوڪو يا اڳوڻو گرانٽ ماڻيندڙ آهي ۽ وڪيميڊيا فائونڊيشن اسڪالرشپ سفري پاليسي جي پاسداري ڪرڻ ۾ ناڪام ثابت ٿيو آهي.
  3. درخواست ڏيندڙ هن وقت وڪيميڊيا فائونڊيشن يا برادريءَ طرفان عالمي طور تي پابندي پيل آهي.
  4. درخواست خالي آهي.
  5. درخواست ۾ موضوع کان هٽي يا گارين وارو مواد شامل آهي.
  6. درخواست ڏيندڙ سوالن جا مناسب جواب ڏيڻ جي ڪوشش ناڪام ڪئي آهي.
  7. درخواست ڏيندڙ ڪو به اهم وڪيميڊيا ڀاڱيداري يا ڪم ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو آهي, جيڪي اسڪالرشپ ماڻڻ جوڳا هجن.

مک آرگنائيزنگ ٽيم وڪيميڊيا فائونڊيشن ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ وڪيميڊيا حبز يا سلھاڙيل تنظيم سان گڏجي حتمي اسڪالرشپ حاصل ڪندڙن جي فهرست جو تعين ڪري رهي آهي. اسان کي اهو حق حاصل آهي ته اسان ڪجهه ماڻهن کي انهن جي آن/آف وڪي روين جي بنياد تي فهرست مان ڪڍي سگهون. مثال طور، اهي ماڻهو جيڪي عالمي يا ڪنهن مخصوص واقعي جي پابندي واري فهرست ۾ شامل آهن، يونيورسل ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ (UCoC) جي پابندين هيٺ آهن، يا جيڪي COT جي ڄاڻ موجب قاعدا ڀڃڻ وارا آهن.

اهي درخواستون، جن تي ڪو به ناڪام ٿيڻ وارو معيار لاڳو نه ٿو ٿئي، وڌيڪ پرک لاءِ ٻئي وک ۾ داخل ٿينديون.

اڪثر پڇيا ويندڙ سوال

وڪي مينيا 2025 ڪٿي منعقد ٿيندي؟

وڪيمينيا 2025 نيروبي, ڪينيا ۾ منعقد ٿيندو.

ڪير درخواست ڏئي سگھي ٿو؟

ڇا اسڪالرشپس رڳو پهريون ڀيرو وڪي مينيا ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ آهن؟

اسان انهن درخواستن کي ترجيح ڏينداسين جيڪي وڪي مينيا جي تجربي ۾ بهترين نموني حصو وٺڻ جا معيار پورا ڪن. اسان اهو به غور ڪنداسين ته اسڪالرشپ ڪيئن درخواست ڏيندڙن جي تعاون کي ايونٽ کان پوءِ وڪيپيڊيا جي مشن ۾ وڌيڪ اثرائتو بڻائي سگهي ٿي.

مان ڪنهن سلھاڙيل تنظيم جو حصو نه آهيان. مان فنڊنگ لاءِ ڪيئن درخواست ڏيان؟

ڪوبه ماڻھو پنهنجي سلھاڙيل ميمبرشپ جي حيثيت کان ھٽي ڪري درخواست ڏئي سگهن ٿا.

مان وڪيميڊيا فائونڊيشن جو اسٽاف ميمبر آهيان. ڇا مان درخواست ڏئي سگهان ٿو؟

  • نه، توھان ملازم جي حيثيت سان نٿا درخواست اماڻي سگھو. ڪور آرگنائيزنگ ٽيم وڪيميڊيا فائونڊيشن جي ملازمن کي اسڪالرشپ نٿي ڏئي. وڪيميڊيا فائونڊيشن جي ملازمن، وڪيميڊيا موومينٽ ڪميٽين، ۽ وڪيميڊيا فائونڊيشن جي ٽرسٽين جي شرڪت وڪيميڊيا فائونڊيشن پاران ڪور ڪئي ويندي.
  • جيڪڏهن ڪو پگهاردار ملازم اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏيڻ جو فيصلو ڪري ٿو، ته اسان توقع رکون ٿا ته هو واضح طور تي پڌرو ڪري ته انهن جي ڪهڙين ڪاميابين جو انتظام ملازم جي حيثيت سان ڪيو ويو هو ۽ ڪهڙيون رضاڪاراڻي وقت ۾ ڪيون ويون. جتي ضروري هجي، مهرباني ڪري وضاحت فراهم ڪريو.

مان اسڪالرشپ ورڪنگ گروپ جو ڀاتي آهيان. ڇا مان درخواست ڏئي سگهان ٿو؟

جي ھا. رضاڪارانه اسڪالرشپ جائزو وٺندڙن کي اسڪالرشپ لاءِ اهل قرار ڏنو ويندو. مفاد جي ٽڪراءُ کان بچڻ لاءِ، انهن جون درخواستون ڪور آرگنائيزنگ ٽيم جي ميمبرن ۽ گذريل وڪي مينيا اسڪالرشپ جائزو وٺندڙن تي ٻَڌل ٽيم طرفان پرک هيٺ آنديون وينديون.

جيڪڏهن مان وڪي مينيا ۾ ذاتي طور شامل نه ٿي سگهان، ته مان ڪيئن شرڪت ڪري سگهان؟

هتي ورچوئل طور شامل ٿيڻ جو اختيار هوندو، ڇو ته هي هڪ هائبرڊ تقريب طور منعقد ڪئي ويندي.

توهان ڏسندڙ يا واچ پارٽي، ڏيھي تقريب سرگرمين سان، يا وڪي مينيا جي سٽاءَ ۾ شرڪت جي بنياد تي پنهنجي تقريب منظم ڪرڻ چونڊي سگهو ٿا. هن سال، پر، وڪي مينيا گرانٽس فنڊ مان لاڳاپيل تنظيمن پاران منظم ڪيل وڪي مينيا سان لاڳاپيل تقريبن کي فنڊ نه ڏنو ويندو، پر گڏجاڻي لاءِ فنڊنگ عام گرانٽ جي طريقيڪار ذريعي درخواست ڪري سگهجي ٿي.

فنڊنگ جي حد ڇا آهي؟

ڪو به خاص ڊالر مقدار يا ماليت مقرر نه آهي. سڀني علائقن ۾ هڪ برابر چونڊ عمل ٿيندو.

چونڊ عمل ڪھڙو آھي؟

وڪي مينيا 2025 اسڪالرشپ جي درخواست ڪڏهن کولبي ۽ ڪڏهن ختم ٿيندي؟

درخواستن جو مرحلو 7 نومبر تي کوليو ويندو ۽ 8 ڊسمبر 2024 تي بند ٿيندو۔

ڇا مان مقرر آخري تاريخ کان پوءِ اسڪالرشپ لاءِ درخواست جمع ڪرائي سگهان ٿو؟

جي نه. هيءُ ان لاءِ آهي ته آخري فيصلا مقرر وقت تي جاري ڪيا وڃن ۽ سڀني درخواست ڏيندڙن سان نياءُ ڪيو وڃي. اسان سفارش ڪريون ٿا ته پڇاڙيءَ تاريخ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي درخواست جمع ڪرائي وڃي ته جيئن ان کي وڃائڻ کان بچي سگهجي.

ڇا مان پنهنجي درخواست انگريزي کانسواءِ ڪنهن ٻي ٻوليءَ ۾ جمع ڪرائي سگهان ٿو؟

  1. ها. اسڪالرشپ ڪم ڪندڙ گروپ جا ميمبر بهترين ڪوشش ڪندا ته توهان جي درخواست جو جائزو وٺن.
  2. جيڪڏهن ممڪن هجي، ته اسان انگريزي کي ترجيح ڏيون ٿا، ڇو ته اها ئي ٻولي آهي جيڪا سڀئي اسڪالرشپ گروپ جا ميمبر ڳالهائين ٿا.
  3. سفر ۽ هن تقريب ۾ رضاڪاراڻي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاءِ توهان کي انگريزيءَ تي ڪم ڪندڙ سطح جي مهارت گهربل هوندي.

ڇا مان پنهنجي درخواست جمع ڪرڻ بعد ان ۾ ترميم ڪري سگهان ٿو؟

نه. پنهنجي درخواست ڌيان سان تيار ڪريو ۽ پڪ بڻايو ته جمع ڪرڻ کان اڳ توهان هر گھربل ڄاڻ لکي ڇڏي ھجي. مهرباني ڪري ٻيهر درخواست جمع نه ڪريو؛ اهو پرک وٺندڙن لاءِ واڌارو ڪم پيدا ڪري ٿو.

وڪي مينيا اسڪالرشپ لاءِ جمع ٿيل درخواستن جو جائزو ڪڏهن ورتو ويندو؟

درخواستن جو جائزو اسڪالرشپ ورڪنگ گروپ طرفان لڳاتار بنيادن تي ورتو ويندو.

اسڪالرشپ جي پرک ۽ انعام ڪيئن ڏنو ويندو؟

اسان اوهان کي مناسب جواب ڏيڻ ۽ لائيم سروي تي ڏنل مطابق ڳنڍڻ جي لاءِ ھمٿايون ٿا. جڏهن سڀ سروي پورا ٿي ويندا ۽ سڀ ڊيٽا گڏ ٿي ويندي، ته اسڪالرشپ ڪم ڪندڙ گروپ گڏجي فيصلو ڪندو ته ڪهڙا ماڻهو اسڪالر بڻجي سگهندا.

ڇا مان پنهنجي اسڪالرشپ درخواست بابت فيڊ بيڪ ڪڏهن حاصل ڪندس؟

آڇون مارچ جي منڍ ۾ موڪلڻ شروع ٿي وينديون. سڀني درخواست ڏيندڙن کي تڪڙو پنهنجي نتيجو ٻُڌايو ويندو. ان ۾ ڪجهه هفتا لڳي سگهن ٿا ڇو ته ڪجهه ماڻهن جون حالتون انهن کي قبولڻ کان روڪين ٿيون. ٻيا درخواست ڏيندڙ جيڪڏهن اهو آپشن چونڊيندا ته انهن کي انهن جي ماتحت اداري ڏانهن ريفر ڪيو ويندو.

درخواست ڏيندڙن کي اسڪالرشپ جا نتيجا ڪيئن اطلاع ڏنا ويندا؟

اسان درخواست ۾ ڏنل اي ميل پتي کي درخواست ڏيندڙن کي اطلاع ڏيڻ لاءِ استعمال ڪنداسين. سڀني درخواست ڏيندڙن سان ڪنهن نه ڪنهن وقت رابطو ڪيو ويندو، نتيجي جي لحاظ کان. اسان توهان کي درخواست فارم ۾ پنهنجو فعال اي ميل پتو يا فعال يوزر نيم فراهم ڪرڻ جي صلاح ڏيون ٿا.

مان وڪيمينيا جي درخواست ڏيڻ جي عمل دوران واھر/سھارو ڪٿان حاصل ڪري سگهان ٿو؟

مکيه منتظم ٽيم مختلف علائقن لاءِ گڏجاڻيون ڪندي ۽ wikimania-scholarships(_AT_)wikimedia.org ۽ وڪي مينيا ٽيليگرام چينل تي ايندڙ سوالن جا جواب ڏيندي. عام طور تي، هيءَ واھر هيٺين شين تي ٻَڌل هوندي:

  1. جمع ڪرايل درخواستن بابت وضاحت ڏيڻ وارا سوال
  2. درخواست جمع ڪرائڻ جا جائزا ۽ احتياط
  3. درخواست جمع ڪرائڻ دوران سامھون ايندڙ مسئلا
  4. جمع ڪرائڻ کانپوءِ ايندڙ وکون
  5. جيڪڏهن مون کي فنڊ نه ملي ته ڇا ڪريان؟

اھليت جا سوال

ڇا اسڪالرشپس رڳو پهريون ڀيرو وڪيمينيا ۾ شرڪت ڪندڙن لاءِ آهن؟

اسان انهن درخواستن کي ترجيح ڏينداسين جيڪي وڪيميانيا جي تجربي ۾ حصو ڏيڻ جي معيار کي بهترين طريقي سان پورا ڪن ٿيون. اسان اهو به ڌيان ۾ رکنداسين ته اسڪالرشپ واقعي کان پوءِ درخواست ڏيندڙن جي مشن ۾ حصيداري کي ڪيئن وڌائيندي. يا وڌيڪ سادي نموني ۾: "اسان انهن کي اسڪالرشپ ڏينداسين جيڪي وڪيمانيا ۾ سٺو ڀاڱو وٺندا ۽ جيڪي ايونٽ کان پوءِ به واھر ڪندا."

مان ڪنهن سلھاڙيل تنظيم جو حصو نه آهيان. مان فنڊنگ لاءِ ڪيئن درخواست ڏيان؟

ڪوبه ماڻھو پنهنجي سلھاڙيل ميمبرشپ جي حيثيت کان ھٽي ڪري درخواست ڏئي سگهن ٿا.

جيڪڏهن مان وڪيمينيا ۾ ذاتي طور شامل نه ٿي سگهان، ته مان ڪيئن شرڪت ڪري سگهان ٿو/ٿي؟

توھان وٽ وڪيمينيا ميڙاڪي ۾ ورچوئل يا آن لائن طور تي شامل ٿيڻ جو اختيار هوندو، ڇو ته هي هڪ هائبرڊ ايونٽ هوندو. توهان هڪ واچ پارٽي، سرگرمين سان گڏ هڪ مقامي ايونٽ، يا وڪيمانيا جي پروگرام ۾ شموليت جي چوڌاري پنهنجو ايونٽ ٺاهڻ جو چونڊ ڪري سگهو ٿا. هن سال، جيتوڻيڪ، اسان وڪيمانيا گرانٽ فنڊ مان لاڳاپيل ادارن پاران منظم ڪيل وڪيمانيا سان لاڳاپيل واقعن کي فنڊ نه ڏينداسين، گڏجاڻي يا ميٽ اپ لاءِ فنڊنگ باقاعده گرانٽ جي عمل ذريعي درخواست ڪري سگهجي ٿي.

فنڊنگ جي حد ڇا آهي؟

ڪو به ڊالر ڏوڪڙ يا ماليت مقرر نه آهي. سڀني علائقن ۾ هڪ برابر چونڊ جو عمل ٿيندو.

"=== مون کي اسڪالرشپ ملي آهي / نه ملي آهي، ۽... ==="

"رپورٽنگ لاءِ ڪهڙيون گھرجون آهن؟"

رپورٽ ڏيڻ جي بدران، اسان اسڪالرن کان چاهيون ٿا ته اهي ايونٽ ۾ 4-6 ڪلاڪ رضاڪارانه طور تي اسانجي واھر ڪن. اسان توهان جي گھرجن، صلاحيتن ۽ تجربي جي پٽاندڙ توھان جي لاءِ هڪ ڪردار (رول) ڳولڻ ۾ توهان سان گڏ ڪم ڪنداسين. توهان هڪ رپورٽ يا هڪ ڊف ليک لکي سگهو ٿا، جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا!!. يا وڌيڪ سادي نموني ۾: رپورٽ لکڻ جي بدران، اسان چاهيون ٿا ته اسڪالر ايونٽ ۾ 4-6 ڪلاڪ رضاڪار طور ڪم ڪن. اسان توهان کي توهان جي صلاحيتن مطابق ڪم ڳولڻ ۾ مدد ڪنداسين. جيڪڏهن توهان چاهيو ته رپورٽ يا پوسٽ لکي سگهو ٿا.

ڇا مان پنهنجي اسڪالرشپ ڪنهن ٻئي کي ڏئي سگهان ٿو؟

"نه. سڀني کي برابري ڏيڻ لاءِ، اسڪالرشپ جي پرک خاص معيار جي ترتيب سان ڪئي وئي آھي. جيڪڏهن ڪو اسڪالرشپ ماڻيندڙ ان کي رد ڪرڻ جي پڪ ڪندو، ته اسان ان کي جائزي جي ترتيب ۾ ايندڙ ٻئي ماڻهوءَ کي منتقل ڪنداسين.

"جيڪڏهن مان هن سال لاءِ اسڪالرشپ رد ڪريان ٿو، ته ڇا مان ان کي ايندڙ سال جي وڪيمينيا ۾ منتقل ڪري سگهان ٿو؟"

نڪو. هر سال وڪيمينيا مخصوص علائقن ۾ هر سي او ٽي جي ڌيان هيٺ مختلف موضوعن تحت مقرر ڪئي وئي هئي. اسان توهان کي ايندڙ سال لاءِ ٻيهر درخواست ڏيڻ جي لاءِ ھمٿائينداسين، پر اسان پنهنجي جائزي جي ڪم ۾ توهان جي لڳاتار املھ ڀاڱيداريءَ تي ڌيان ڌرڻ کي يقيني بڻائينداسين.

"جيڪڏهن مون کي اسڪالرشپ نه ملي، ته ڇا مان اسڪالرشپ گروپ کان پنهنجي درخواست ٻيهر جائزو وٺڻ لاءِ چئي سگهان ٿو؟"

نہ۔ اسان جی پرکڻ جی ڪم ۾ ڪیتريون ئي ساوڌاني وکون شامل آھن ۽ افسوس سان چوڻو پئجي رھيو آھي ته اھو رُڳو ھڪ ڀيرو پورو ٿی سگھندو آھی۔

"مون اسڪالرشپ لاءِ درخواست ڏني هئي پر اها مون کي نه ملي. مان هاڻي ڇا ڪريان؟"

وڪيمينيا ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ وٺڻ ضروري ناهي؛ توهان پنهنجي خرچن کي پاڻ پورو ڪرڻ جي شڪل ۾ به شرڪت لاءِ رجسٽر ٿي سگهو ٿا.

جيڪڏهن توهان پنهنجا خرچ پوري نه ٿا ڪري سگهو، ته اسان توهان کي توھانجي پنھنجي ڏيھي علائقي ۾ ڪنهن لاڳاپيل اداري سان رابطو ڪرڻ جي لاءِ سختي سان ھمٿايون ٿا. ٿي سگھي ٿو ته اھي پنهنجو اسڪالرشپ پروگرام هلائي رهيا هجن يا ديسي واقعي يا ايونٽ جي ميزباني ڪري رهيا هجن!

"وڌيڪ معلومات لاءِ مون کي ڪٿي رابطو ڪرڻ گهرجي؟"

توهان پنهنجي سوالن جي پڇاڳاڇا wikimania-scholarships(_AT_)wikimedia.org تي موڪلي سگهو ٿا.

لاڳاپيل سلھاڙيل ادارن جي ايونٽس جي فنڊنگ

(گذريل سالن ۾، ان کي سيٽلائيٽ واقعا سڏيو ويندو هو)

ڏيھي سطح تي وڪيمانيا سان لاڳاپيل واقعو (ايونٽ) هلائڻ لاءِ، وڪيميڊيا جا لاڳاپيل سلھاڙيل ادارا وڪيميڊيا فائونڊيشن جي جنرل سپورٽ فنڊ (جي ايس ايف) وسيلي اڳ ۾ ئي ورتل فنڊ ڪم آڻي سگھن ٿا، جيتوڻيڪ اهڙو واقعو منڍ ۾ سندن جي ايس ايف رٿ ۾ شامل نه هو. جي ايس ايف گرانٽ وٺندڙن کي اهو اختيار آهي ته اهي پنهنجي بجيٽ ۾ گھرج آھر فنڊ منتقل ڪري سگهن ٿا، ۽ جنرل سپورٽ فنڊ جي ٺاھ جي مطابق، فائونڊيشن رُڳو اهو درخواست ڪري ٿي ته پروگرام آفيسرن کي آگاهي ڏني وڃي، جيڪڏهن اهو فرق اصل رٿ (تجويز) کان 20 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي.

وڪيمينيا سان لاڳاپيل واقعو ميزباني ڪرڻ ۾ دلچسپي رکندڙ وڪيميڊيا فائونڊيشن سان سلھاڙيل سڀني ادارن کي اسان کي ھمٿايون ٿا ته اهي پنهنجي واقعي جي تفصيل لاڳاپيل سلھاڙيل ادارن جي واقعن جي ننڍي صفحي تي درج ڪن، ته جيئن لاڳاپيل ادارا پاڻ ۾ سھڪار ڪري سگهن، وڪيميڊينز جي وچ ۾ سھڪار ۽ رابطي کي وڌائين ۽ پنهنجن واقعن کي بهتر نموني سان واڌارو ڏين.

  • سلھاڙيل ادارا جيڪي وڪيمينيا ۾ سڌو سنئون نشريات ( يعني، لائيو اسٽريم) ڪرڻ چاهين ٿا، انهن کي پنهنجي واقعي جي تفصيلن سميت ھتي wikimania(_AT_)wikimedia.org وڃي ڪري پروگرام ورڪنگ گروپ سان رابطو ڪرڻ گهرجي.
  • بنيادي آرگنائزنگ ٽيم انھن گروپن لاء ٽيڪنيڪي سھارو ڏيندي، جيڪي وڪيمينيا ۾ لائيو اسٽريم ڪرڻ چاھين ٿا.
  • مھرباني ڪري پنھنجي ويچار تي ٽيڪاٽٻڻي ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه واري پني جو استعمال ڪريو.

مون وٽ وڌيڪ سوال آهن ۽ اهي هن ايف اي ڪيو ۾ شامل ناهن.

توهان ڪنهن به وقت wikimania-scholarships(_AT_)wikimedia.org تي ڪميٽي سان رابطو ڪري سگهو ٿا. اسان وڪيمينيا ۾ دلچسپي رکندڙ هر ڪنهن لاءِ کليل ڪالز جي ميزباني ڪنداسين ته جيئن اهي سوال پڇي سگهن: پروگرامنگ، گرانٽس، لاجسٽڪس، جشن، وڪيمينيا ۾ ڪيئن شامل ٿيڻ. اهي جلد ئي دستياب ٿي ويندا.

حوالا